چانڊوڪي ۽ زهر (ڪتاب)

چانڊوڪي ۽ زهر (ڪتاب)

چانڊوڪي ۽ زهر (ڪتاب)

چانڊوڪي ۽ زهر (ڪتاب): هي هند ۽ سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جنهن جا ٻه ڇاپا هندستان ۾ ۽ هڪ ڇاپو سنڌ ۾، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، جولاءِ 1965ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪهاڻي ڪتاب ۾، موهن ڪلپنا جون ڇهه ڪهاڻيون: جواب، هڪ شريف ماڻهو گاڏيءَ ۾، گهوٽالو، هٽو مون کان پري، درد ۽ سپنا ۽ چانڊوڪي ۽ زهر شامل آهن.
ڪتاب جي ابتدا ۾ موهن ڪلپنا ’جائزو‘ عنوان سان پنهنجي ڪهاڻيڪار هئڻ، ڪهاڻيءَ جي فن، ڪهاڻي لکڻ جي ڪيفيتن ۽ ڪهاڻين ۾ استعمال ڪيل ٻوليءَ بابت لکيو آهي. موهن بابت منڍ ۾ ناز سنائيءَ پنهنجن ويچارن جو اظهار به ڪيو آهي. ڪرائون سائيز جي 134 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 12 روپيا رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو